اسلام آبادپاڪستان

انٽيليجنس بيورو به زمينن تي قبضن ۾ ملوث آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي هائوسنگ سوسائٽين جو معاملو اسان جي سامهون نه آهي. هن معاملي تي الڳ کان پاڻمرادو نوٽيس ٿي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ ۾ هائوسنگ سوسائٽين جي فورنزڪ آڊٽ بابت ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آئي بي جي هائوسنگ سوسائٽي هوندي ته ان سان ڪير مقابلو ڪندو، ڏسون ٿا ته زمينن تي قبضي جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻو آهي يا نه. چيف جسٽس چيو ته سٺو ٿيندو ته اسان جي سامهون ڪائي درخواست اچي وڃي، اسان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۾ محتاط آهيون. پاڻمرادو نوٽيس جو مقصد عوامي مفاد جو تحفظ آهي. هن چيو ته اسان ايف آئي اي جي رپورٽ جو جائزو ورتو آهي، رپورٽ مطابق 175 ارب رپين جو نقصان ٿيو. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ ۾ هڪ مجموعي ڪاٿو ڏنو ويو پر سوسائٽين کان وضاحت طلب ناهي ڪئي وئي. شنوائي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ايف آئي اي ڪيئن خانگي بزنس ۾ پنهنجو نالو استعمال ڪري سگهي ٿو، ڇا هي مفادن جو ٽڪراءُ نه آهي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ايف آئي اي تي زمينن تي قبضي جا سنگين الزام آهن، آئي بي به ظاهر ۾ زمين تي قبضي ۾ ملوث آهي. هن چيو ته انهن ادارن جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، هائوسنگ سوسائٽي هلائڻ نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button