پاڪستانسنڌ

ناشاد نصرالله ڪتاب ۾ ٿر جي فطرت جو عڪس چٽيو آهي:مٺي ۾ تقريب

مٺي: مٺي ۾ نوجوان شاعر مرحوم ناشاد نصر الله سمون جي شاعري جي ڪتاب “‘ٿي وڻي مونکي زمين” جي مھورتي تقريب گڍي ڀٽ تي ڪوٺائي وئي، ٿر سيٽيزن فورم پاران ڪوٺايل تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديبن، شاعرن، شهرين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، تقريب کي ليکڪ مير حسن آريسر، تاج جويو، اياز رضوي، حاجي ساند، دليپ ڪوٺاري، نور محمد بجير، علي اڪبر راهمون، ڀارو مل امراڻي، اوڀايو جوڻيجو، شهاب نهڙيو، عبدالحئي ۽ ٻين شاعري جي ڪتاب جو مهورت ڪيو. ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي چيو ته ناشاد نصرالله سمون ٿر جي فطري حسناڪين، ڪارونجهر ۽ مورن جي دردن کي شاعري جو موضوع بڻائي حسناڪين ۽ محرومين جو عڪس چٽيو. هنن چيو ته ناشاد کي بيماري اسان کان کسي ورتو هو، نوجواني ۾ ئي اسان کان وڇڙي ويو. ناشاد نصرالله جي شاعري ۾ ٿر جي هر منظر جي عڪاسي شامل آھي، هن مور جي مرڻ تي هڪڙي مقامي ٿرئي جي درد کي شاعري ۾ اهڙي نموني بيان ڪيو آھي جو اها تخيلق پڙھندي اکيون لڙڪن سان ڀرجي اچن ٿيون. هنن چيو ته ناشاد اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس شاعري صدين تائين زنده رهندي۔ ۽ اسانکي حوصلو ڏيندي رهندي۔ هنن چيو ته شاعر قومن جا شعوري محافظ هوندا آھن ۽ ناشاد ڪارونجهر جو محافظ شاعر هو، هو خوشنصيب هو، جنهن جي پيدائش به ڪارونجهر جي هنج جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ هو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ صحافي ۽ ليکڪ پڻ ھو. تقريب ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر لا خاموشي اختيار ڪري دعا گهري وئي ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button