پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ ڳوٺاڻن جو اسڪول جي عمارت نه ملڻ خلاف احتجاج

جهڏو: جهڏو لڳ ڳوٺ عبدالرشيید ڪنبوهه جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرشیيد ڪنبوهه جي ڳوٺاڻن جاني ڪنبوهه، عبدالحميد ڪنبوهه، اصغر ڪنبوهه، مصطفى ڪنبوهه، مشتاق مرڙاڻي ۽ ٻين گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ جو اسڪول ڪيترن ئي سالن کان منظور آهي، پر اڃان تائين سرڪار پاران عمارت ناهي ملي، اسان ڳوٺ وارن چندو ڪري اسڪول لاءِ هڪ ڪمرو ٺهرايو آهي، اسڪول ۾ استاد مقرر آهي ۽ 100 کان وڌيڪ نياڻيون داخل آهن، پر فرنيچر جي کوٽ آهي ۽ شاگردن کي ڪتاب نٿا ملن، جنهن سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول جي سرڪاري عمارت تعمير ڪرائي ڏئي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button