پاڪستانسنڌ

ملدسي ۾ معصوم نينگري اغوا، اجتماعي زيادتي جو شڪار

شھدادپور: شھدادپور ويجھو ملدسي ۾ 12 سالن جي نينگري سان مبينا اجتماعي زيادتي ڪئي وئي، جنهن بعد نينگري کي سمس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. ٻئي پاسي ملدسي پوليس نينگري سان مبينا زيادتي ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالھائٔيندي مبينا اجتماعي يادتي جو نشانو بڻيل 12 سالن جي نينگري ٻڌايو ته ملدسي ۾ پاڙي ۾ خيرات تي ويل ھيس، واپس آيس پئيي ته رستي تي بيٺل 4 جوابدارن زبردستي اغوا ڪري ڳوٺ ڀرسان بيٺل وونئنٔڻن جي فصل ۾ وٺي وڃي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو. نينگري جي والد ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو آهي ته وحشي جوابدارن منهنجي ڌي سان اجتماعي لڄالٽ ڪري نينگري جي زندگي تباهھ ڪري ڇڏي آهي. گذريل شام ڌي خيرات کائٔڻ لا پاڙي ۾ ويل هئي، چئن وحشي جوابدارن زبردستي رستي مان اغوا ڪري فصل ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، اسان ڌي جي گم ٿيڻ سبب ڳولا لا نڪتاسين ته ڳوٺ ڀرسان بيٺل وونئٔڻن جي فصل ۾ ڌي جون رڙيون ٻڌيون، اتي پھتاسين ته ھڪ جوابدار کي سوگھو ڪيوسين ۽ ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا. پڪڙيل جوابدار کي پوليس حوالي ڪيوسين. جوابدارن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي تي چاڙھيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان احوالي سان پوليس پوسٽ انچارج منظور ٻٻر ٻڌايو ته نينگري سان مبينا اجتماعي زيادتي ۾ ملوث چئٔني جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو آهي، وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button