پاڪستانسنڌ

شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لا مختلف ڌرين جا مظاهرا

حيدرآباد: شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف ڌرين جا مظاهرا. ان حوالي سان نوابشاهه ۾ جسقم ڪارڪن شعبان ماٽي، هاشم لغاري، طارق سمون، حنان عباسي، ٽنڊوآدم ۾ جسقم ڪارڪنن الهداد مري، شبير ڪوريجو ۽ ارشاد بروهي، اسلام ڪوٽ ۾ صحافين اشوڪ شرما، عبدالغني بجير، مبارڪ بجير، باقراڻي ۾ الهه بخش چانڊيو، ڪاشف ابڙو، اياز لاشاري، دولتپورصفن ۾ ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو، ايڊوڪيٽ آفتاب علي جوکيو، شاهپورجهانيان ۾ مفتي عبيدالله ڏاهري، ڏهرڪي ۾ لالا قادر ڀٽو، ظھور دايو، رميش ڪمار، وجي ڪمار چاولا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي صحافين خطاب ڪندي چيو ته جان محمد مهر جي شهادت هڪ وڏو سانحو آهي، صحافين کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ھيسائڻ لا صحافي کي قتل ڪيو آهي. هنن نگران وڏي وزير ۽ ٻين اختيارين کان مک جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button