پاڪستانسنڌ

کهڙا ۾ اسپورٽس ويڪ جي چوٿين ڏينهن تي ٽيبل ٽينس جا مقابلا

کهڙا: گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج کهڙا ۾ اسپورٽس ويڪ جي چوٿين ڏينهن تي ٽيبل ٽينس جا مقابلا ٿيا. جنھن ۾ 8 رانديگر شاگردياڻين حصو ورتو. پهريون رائونڊ کٽڻ کانپوءِ ام اقصه، راشده، مصباح ۽ تبسّم سيمي فائنل لاءِ ڪواليفا ڪيو. سيمي فائنل جي مقابلن ۾ راشده ام اقصه کي 11/9 ۽ 11/7 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي. جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل ۾ مصباح تبسم کي11/4 ۽ 11/8 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفا ڪيو. فائنل ۾ مصباح پنهنجي مخالف کي 11/6 ۽ 11/8 تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي. هن ايونٽ جو مهمان خاص ڪاليج جو فائونڊر پرنسپال پروفيسر محمد اڪرم آرائين هيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button