پاڪستانسنڌ

قاضي احمد ۾ سول سوسائٽي جو نوشين جي قاتلن جي گرفتاري لا مظاهرو

قاضي احمد :قاضي احمد ۾ سول سوسائٽي پاران شاگردياڻي نوشين ڪاظمي، ناظم جوکيو ۽ فھميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لا تعلقي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ۽ قاتلن جي گرفتاري لا سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن غلام شبير، ملنگ جتوئي، مولانا احسان الله چانڊيو، ڊاڪٽر شبير چانڊيو، نورالدين قادري، بشير جوکيو، ڏاڏو عثمان ٻگھيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ روزانو بيگناھه ماڻھو قتل ٿي رھيا آھن. چانڊڪا ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي کي سازش تحت قتل ڪيو ويو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو ته شاگردياڻي جي مامري جي صاف ۽ شفاف نموني سان جاچ ڪاليج انتظاميا کان شروع ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button