پاڪستانسنڌ

شادي کان اڳ ٿيليسميا ٽيسٽ تي نڪاح خوان عمل ڪرائين:ايس ايس پي امير سعود

سڪرنڊ (: ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد امير سعود مگسي ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاهھ جو دورو ڪيو. سينٽر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد صادق سيال ۽ جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي چنا کيس اداري بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٻارن کي رت سان گڏ مهيني جون دوائون پڻ مفت ڏنيون وينديون آهن. ايس ايس پي ٿيليسميا سينٽر جي مختلف شعبن جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته 2 ڊسمبر تي اي سيڪشن ٿاڻي تي ميگا بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ مان پاڻ به بلڊ ڏيندس ۽ پوليس سميت سول سوسائٽي جي دوستن کان به رت عطيو ڪرائبو. هن چيو ته شناختي ڪارڊ ۾ به ٿيليسميا ميجر ۽ مائينر جو خانو هئڻ گهرجي. جڏھن ته شادي کان اڳ واري ٿيليسميا ٽيسٽ تي نڪاح خوان عمل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button