سنڌ

زرعي يونيورسٽي جي 120 شاگردن خلاف ملڪ خلاف نعرا هڻڻ جو ڪيس داخل

ٽنڊوڄام پوليس سنڌ زرعي يونيورسٽي جي 120 اڻڄاتل شاگردن خلاف ملڪ خلاف نعرا هڻڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي اي ايس آ نواز علي سپيو جي فرياد تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لڳ ڀڳ 120 نامعلوم شاگردن ريلي جي صورت ۾ ملڪ مخالف نعرا لکيل بينر هٿن ۾ کڻي ملڪ مخالف ۽ علحيدگي پسند اڳواڻن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، جن کي ڏسي سڃاڻينداسين. فرياد موجب پوليس جي مخبر موجب اهي سڀ جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم جسمم جا ڪارڪن هئا. ياد رهي ته 2 ڏينھن اڳ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن يونيورسٽي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button