پاڪستانسنڌ

ڊڄان ٿو ته پيٽرول 170 رپيا في ليٽر نه ٿي وڃي: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ماضي ۾ حڪومت هڪ ئي رات پيٽرول جي قيمت 25 رپيا وڌائي ڇڏي هئي، ڊڄان ٿو ته پيٽرول 170 رپيا في ليٽر نه ٿي وڃي. ملڪ ۾ پيٽرول پمپن جي بندش تي ردعمل ڏيندي سعيد غني چيو ته ڪجهه وقت اڳ سڄي ملڪ ۾ پيٽرول بحران ٿيو هو ۽ هاڻ وري پيٽرول پمپن جي بندش نئون ڊرامو آهي، عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ حڪومت اهڙا ڊراما ڪندي آهي.

هن چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي عوام کي غيرمعياري اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، عمران نيازي اينڊ ڪمپني جي نالائقي سبب مهانگائي وڌي آهي، عمران نيازي اينڊ ڪمپني کي سنڌ کان تڪليف آهي. هن جو چوڻ هو ته فخر امام ۽ خسرو بختيار ڪڻڪ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي، بجلي ۽ گئس کانپوءِ هاڻ پيٽرول به ناهي، ڪجهه چورن جي حڪومت ڦرلٽ جي بازار گم ڪري رکي آهي، ڊڄان ٿو ته پيٽرول ڪجهه هفتن ۾ 170 رپيا في ليٽر نه ٿي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button