پاڪستانسنڌ

حڪومتي نااهلي سبب ملڪ ۾ افراتفري ڦهلجي چڪي آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيٽروليم ڊيلرز جي معاملي ۾ حڪومتي نااهلي جي ڪري اڄ ملڪ ۾ افراتفري پکڙجي چڪي آهي. زندگي جي ڪمن ڪارن کي ٺپ ڪري عمران خان هر پاڪستاني جي زندگي کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ تيل اسمن جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ بحران تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جي مطالبن جي معاملي ۾ نااهلي جو مظاهرو ڪيو آهي.

جنهن جي نتيجي ۾ اڄ سڄو ملڪ پريشان آهي ملڪ ۾ اڪثر پيٽرول پمپ بند آهن ۽ گهڻن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن، ڪاروباري معاملا متاثر آهي، هي حڪومت جي سنئين سڌي ناڪامي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت حل ٿيندڙ مسئلن کي به پنهنجي نااهلي سان بحران بڻائي ڇڏي ٿي، عوام پهريان ئي ملڪي تاريخ جو مهانگو پيٽرول خريد ڪري رهيو آهي، تيل اسمن جي اگهن ۾ هاڻ ٿيندڙ اضافو تباهه ڪندڙ هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button