پاڪستانپنجاب

عوام کي اٽي، کنڊ ۽ هاڻ پيٽرول جي قطارن ۾ بيهارڻ ظلم جي انتها آهي: مريم نواز

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام کي اٽي، کنڊ ۽ هاڻ پيٽرول جي قطارن ۾ بيهارڻ ظلم جي انتها آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته پاڪستان جي عوام کي اٽي، کنڊ ۽ هاڻ وري پيٽرول جي لاءِ قطارن ۾ بيهارڻ نااهلي نه پر ظلم جي انتها آهي. عوام مهانگائي سبب تڙپي رهي آهي پر ظالم حڪومت کي ڪوبه فرق نٿو پوي. اسان جي دعا آهي ته ساڳين قطارن ۾ عمران خان، ان کي عوام مٿان مڙهيندڙ ۽ وزير به بيهن ته جيئن کين خبر پوي ته عوام مٿان ڪهڙو ظلم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button