پاڪستانپنجاب

ڪجهه ماڻهو نيب جي بنياد تي سياست ۾ زنده رهڻ چاهين ٿا: نيب چيئرمين

لاهور: نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون نه آهي جيڪو ڪندو اهو ڀريندو. ڪجهه ماڻهو نيب جي بنياد تي سياست ۾ زنده رهڻ چاهين ٿا. ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي نيب جيڪا جنگ شروع ڪئي اها جاري رهندي. پاڪستان ۾ لٽيل دولت کي واپس آڻڻ مشڪل ڪم آهي. اميد آهي ته نظام ۾ بهتري ايندي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب اربين روپين جي زمين رڪور ڪئي. ريڪوري اسان وٽ امانت هئي. امانت ۾ اڄ تائين خيانت جو خيال ناهي آيو. چانهه جي پيالي ۾ طوفان پيدا ڪيو ويو، ريڪوري ڪيڏانهن وئي، اسان کي ريڪوري ڪرنسي نوٽن جي شڪل ۾ ناهي ٿيندي جو ڳڻڻ شروع ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button