اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان بيلسٽڪ ميزائل شاهين ون اي جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

راولپنڊي: پاڪستان شاهين ون اي بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان شاهين ون اي بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو، زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل جي ڊيزائن، ٽيڪنيڪل معاملن جو ڪامياب مشاهدو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڊي جي ايس پي ڊي ليفٽيننٽ جنرل نديم ذڪي ميزائل تجربي جو مشاهدو ڪيو، جڏهن ته نيسڪام چيئرمين ڊاڪٽر رضا ثمر، ڪمانڊر آرمي اسٽريٽيجڪ فورسز ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل محمد علي به مشاهدو ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته ڊي جي ايس پي ڊي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button