سنڌ

ڳاڙهو جي بنيادي صحت مرڪز ۾ ويم دوران عورت فوت،وارثن جو ڌرڻو

ڳاڙهو جي بنيادي صحت مرڪز ۾ ويم دوران عورت فوت ٿي وئي. وارثن مڊوائيز تي غفلت ۽ غلط انجيڪشن هڻڻ جو الزام هڻي ڇڏيو. خبر موجب بنيادي صحت مرڪز ڳاڙهو ۾ ڳوٺ لال خان لاشاري جي رهواسي رمضان لاشاري زال ساجده کي ويم لا آندو ويو، جتي عورت ويم دوران فوت ٿي وئي، جنهن کانپو سوين وارثن اسپتال جي گيٽ سامهون نيشنل ها وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي متاثر رمضان لاشاري، مامون لاشاري، لال خان لاشاري ۽ محمد خان لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته مڊوائيف فرزانه ڏوڏ ۽ زهره لوهار جي لاپرواهي ۽ غلط انجيڪشن سبب ساجده تڙپي تڙپي فوت ٿي آهي. جڏهن عورت تڙپڻ لڳي ته اسانکي ريفر ليٽر ڏنو ويو پر عورت فوت ٿي وئي. ٻي طرف ايس ايڇ او ڳاڙهو مير محمد عباسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن کي يقين ڏياريو ته توهان جي مرضي سان ايف آ آر داخل ڪئي ويندي، جنهن کانپو ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button