اسلام آبادپاڪستان

آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ بلز تي صحيحون ناهن ڪيون:صدر

اسلام آباد :صدر مملڪت عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلز تي صحيحون ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون انهن بلن تي صحيحون ڪرڻ جي حق ۾ نه هوس، منهنجي اسٽاف منهنجي مرضي خلاف ڪم ڪيو آهي. الله شاهد آهي، آئون انهن بلن سان اتفاق نٿو ڪيان، مون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ناهي ڪئي. صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آئون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل سان اتفاق نٿو ڪيان ۽ پنهنجي عملي کي چئي ڇڏيو آهي ته بل بنا صحيح جي واپس موڪلي ڇڏيو. صدر وڌيڪ چيو ته مون عملي کان ڪيئي ڀيرا تصديق ڪئي ته بلَ بنا صحيح جي واپس موڪليا ويا آهن، اڄ خبر پئي آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضيءَ ۽ حڪم کي مجروح ڪيو. عارف علوي وڌيڪ چيو ته الله سڀ ڄاڻي ٿو، انهن سڀني کان معافي گهران ٿو جيڪي انهن بلن سبب متاثر ٿيندا، مون انهن بلن تي صحيحون ناهن ڪيون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اِها خبر سامهون آئي هئي ته صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جنهن کانپوءِ ٻئي بل قانون بڻجي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button