اسلام آبادپاڪستان

ايمان مزاري جو جڊيشل ۽ علي وزير جو جسماني ريمانڊ منظور

اسلام آباد (:پوليس ايمان مزاري ۽ علي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. عدالت ايمان مزاري جو جڊيشل ريمانڊ ۽ علي وزير جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. رپورٽ موجب پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ علي وزير ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ۽ عورت وڪيل ايمان مزاري کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. شنوائي ڊيوٽي جج احتشام عالم ڪئي. ميڊيا کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري عدالت جي ڪمري ٻاهران مقرر ڪئي وئي. ايمان مزاري ۽ علي وزير کي بنا اجازت جي جلسا ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جو ڪيس بنايو ويو آهي. پوليس علي وزير ۽ ايمان مزاري جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. ايمان مزاري ۽ علي وزير خلاف بغاوت ۽ دهشتگردي جي ٻئي ايف آءِ آر به جج جي آڏو پيش ڪئي وئي. ان دوران مزاري روسٽرم تي اچي وئي ۽ چيو ته ڪيس ۾ نامزد نه آهيان منهنجو موبائيل ڦريو ويو، منهنجي گهر جا سي سي ٽي وي ڪيمرا ٽوڙيا ويا. مان ان کان پوءِ پاڻ کي غير محفوظ سمجهان ٿي. جج مزاري کي چيو ته اوهان لاڳاپيل فورم تي رابطو ڪريو، جاچ آفيسر صاحب جيڪڏهن اوهان کي ضرورت نه آهي ته هن کي پنهنجو موبائيل واپس ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ عدالت علي وزير ۽ ايمان مزاري کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت ايمان مزاري کي ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي اماڻي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button