اسلام آبادپاڪستان

نئين تڪبندي کانسواءِ پارٽين کي اصل نمائندگي نه ملندي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آدمشماري جي اشاعت کان پوءِ تڪبندين بابت آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڳڻپ واري اداري 7 آگسٽ تي آدمشماري کي شايع ڪيو. اليڪشن ايڪٽ مطابق هر آدمشماري کان پوءِ اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندي ڪندي. اليڪشن جي آرڊر ۾ چيو ويو ته آدمشماري مطابق صوبائي تڪن ۽ ضلعي سطح تي آبادين ۾ تبديلي ٿي آهي. نئين آدمشماري مطابق 20 هزار 805 بلاڪس جو اضافو ٿيو ۽ ڪجهه ۾ تبديليون ٿيون. آدمشماري کان پوءِ ووٽر لسٽن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ لازم آهي، نئين تبندين ۽ اپ ڊيٽ ووٽر لسٽ کان سواءِ پارٽيز کي اسيمبيلن ۾ اصل نمائندگي نه ملندي. هر آدمشماري کان پوءِ تڪبندي ۽ غلطي کان پاڪ ووٽر لسٽ اليڪشن جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button