اسلام آبادپاڪستان

صدر اسٽاف تي الزام نه مڙهي،پنهنجي عمل جو پاڻ ذميوار آهي:قانون واري وزارت

اسلام آباد : قانون ۽ انصاف واري وزارت صدر جي بيان تي چيو آهي ته صدر کي پنهنجي عمل جي ذميواري پاڻ کڻڻ گهرجي. بلن کي خدشن يا منظوري کانسواءِ واپس ڪرڻ جو اختيار آئين ۾ ناهي ڏنو ويو. ڪالهه وزارت چيو آهي ته هن پنهنجي عملي کي ڏوهاري قرار ڏيڻ جي چونڊ ڪئي، صدر کي پنهنجي عمل جي ذميواري پاڻ کڻڻ گهرجي.آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ٽوئيٽ تي قانون ۽ انصاف واري وزارت جو ردعمل سامهون آيو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 75 موجب، جڏهن ڪو بل منظوري لاءِ موڪليو ويندو آهي ته صدر وٽ ٻه اختيار هوندا آهن، يا ته هو بل جي منظوري ڏئي يا مخصوص خدشن سان معاملو پارليامينٽ ڏانهن واپس اُماڻي ڇڏي، آرٽيڪل 75 پٽاندڙ صدر وٽ ٽيون آپشن ناهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل واري معاملي ۾ ڪنهن به اختيار عمل ناهي ڪيو ويو، پر صدر ڄاڻي واڻي منظوري ۾ دير ڪئي، بلن کي خدشن يا منظوري کانسواءِ واپس ڪرڻ جو اختيار آئين ۾ ناهي ڏنو ويو. اهڙو قدم آئين جي روح جي ابتڙ آهي، جيڪڏهن صدر کي بل تي خدشا هئا ته هو پنهنجي خدشن سان گڏ بل واپس ڪري سگهي پيو، جيئن هو ماضي ۾ به ڪيئي ڀيرا ڪري چڪو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت وڌيڪ چيو ته هو ان سلسلي ۾ هڪ پريس رليز به جاري ڪري سگهن پيا، اِها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته صدر پنهنجي ئي عملي کي ڏوهاري قرار ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button