حيدرآباد: ٿرپارڪر ضلعي ۾ مسلسل سياسي بنيادن تي عتاب جو شڪار رهندڙ به ڀائر ڊاڪٽر ملڪ را ۽ لجپت را سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد پهچي ويا. ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي استدعا ڪئي آهي ته وڏي عرصي کان ڊاڪٽر گورڌن نائي ۽ نهال مڪواڻو اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، جن پنهنجا سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي اسان کي چار مهينن کان نوڪري مان برطرف ڪرايو آهي، جنهن کان پو هينئر اسان کي لائيو اسٽاڪ کاتي بحال ڪيو آهي، پر هاڻي وري نهال مڪواڻو ۽ سندس مائٽ ڊاڪٽر ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن اسان خلاف مختلف ڪوڙيون درخواستون ڏئي انڪوائريون شروع ڪرائي ڇڏيون آهن، جنهن کان پو اسان لا پنهنجي نوڪري ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهي. ڊاڪٽر ڀائرن عدالت کي استدعا ڪئي آهي بااثر ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close