پاڪستانسنڌ

ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن 6 سالن بعد بازياب ٿي هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي: ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن 6 سالن کانپوءِ بازياب ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، هاءِ ڪورٽ محمد جاويد خان جو سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ جي روبرو شنوائي دوران ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن محمد جاويد 6 سالن کانپوءِ بازياب ٿي پهچي ويو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ۾ چيو ته توهان ڪٿي هئا؟ توهان کي ڪير وٺي ويو هو؟ جاويد خان چيو ته مون کي ڪا به خبر ناهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته ڪجهه ٻڌاءِ ته ٻين کي فائدو ٿئي. ڪجهه ته هوندو ته اها ڪهڙي ايجنسي هئي؟

محمد جاويد خان چيو ته مون کي ڪا به خبر ناهي، اکين تي پٽي ٻڌل هئي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته ڇهن سالن کان اکين تي پٽي هئي ڇا؟ ڪٿي رکيو ويو هو؟ جاويد چيو ته سندس تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي، کيس سياسي بنيادن تي کنيو ويو. مون کي 500 رپيا ڀاڙو ڏئي آزاد ڪيو ويو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شهري جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي، بحال ڪيو وڃي. نوڪري تي بحال ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي. عدالت محمد جاويد خان جو سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪرڻ ۽ بازيابي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button