ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ ڳوٺاڻي وياجين خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ ميڻائو جي رهواسي پورهيت سڪيلڌو پٽ رمضان سميجو ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي دانهون ڪيون ته ڇاڇرو شهر ۾ مبينا وياج جو ڪاروبار ڪندڙ جهامنداس ۽ وڪرم عرف پپو وٽ گهر جا سون ۽ چاندي جا زيور رکي رقم کنئي هئي، جڏهن زيور واپس وٺڻ لا جهامنداس جي دڪان تي ويس تي جهامنداس ۽ وڪرم قاتلاڻو حملو ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون. هن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته وياج خورن خلاف نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪري زيور واپس ڪرايا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close