ڪراچي: انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان جو روٽ، محمد يوسف کان سال جي سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ رنسن جو رڪارڊ کسي نه سگهيو. جو روٽ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 50 ۽ ٻي اننگز ۾ 28 رنسون ٺاهي، هلندڙ سال 1708 ٽيسٽ رنسون ٺاهيون، هو ٽيسٽ تاريخ جو ٽيون رانديگر بڻجي ويو آهي.
جنهن هڪ ڪئلينڊر سال ۾ 1700 رنسن جو سنگ ميل پار ڪيو آهي. محمد يوسف 2006ع ۾ 11 ميچن جي 19 اننگز ۾ 1788 رنسون ٺاهيون هيون، ويوين رچرڊز 1976ع ۾ 11 ميچن ۽ 19 اننگز ۾ 1710 رنسون ٺاهيون هيون، جو روٽ هلندڙ سال 15 ميچن جي 29 اننگز ۾ 1708 رنسون اسڪور ڪيون آهن.