رانديون

انگلينڊ جي سيڪيورٽي ٽيم ايندڙ هفتي پاڪستان پهچندي

لاهور: انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي سيڪيورٽي ٽيم پاڪستان خلاف 7 ٽي-ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کان اڳ ايندڙ هفتي پاڪستان پهچندي. ميڊيا رپورٽن موجب انگلينڊ جي سيڪيورٽي ٽيم هوٽل ۽ اسٽيڊيم جي روٽ جي چوڌاري انتظامن جو جائزو وٺندي، سيريز ٽن شهرن راولپنڊي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انگلش بورڊ جي سيڪيورٽي ٽيم ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو به ڪندي ڇاڪاڻ ته پي سي بي ڪجهه ميچن کي ملتان ۾ شيڊول ڪرڻ چاهي ٿي پر سيريز ٽن شهرن ۾ ٻن هنڌن تي کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button