رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز لاءِ پاڪستان هاڪي ٽيم جي ٽريننگ لاهور ۾ جاري

لاهور: ڪامن ويلٿ گيمز لاءِ پاڪستان هاڪي ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ لاهور ۾ جاري آهي، جتي گرمي ۽ بندش جو موسم عروج تي آهي. ان لاءِ ٽيم انتظاميا رانديگرن لاءِ باٿ ٽب جو آرڊر ڏنو آهي ۽ ٽريننگ جي پڄاڻي تي رانديگرن آئس باٿ وٺڻ شروع ڪيو. پاڪستان هاڪي ٽيم جي آسٽريلوي ڪوچ ڊينيئل بيري جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه سخت گرمي آهي.

رانديگرن جي فٽنيس پهرين ترجيح آهي، گرم موسم ۾ 5 ڪلاڪن جي ٽريننگ کانپوءِ صحتياب ٿيڻ جي ضرورت آهي، رانديگر مختلف سورن جون شڪايتون ڪن پيا. قومي رانديگر رانا وحيد جو چوڻ آهي ته موسم ڏاڍي گرم ۽ تنگي آهي، ٽريننگ آسان ناهي، سخت ٽريننگ کانپوءِ صحتيابيءَ لاءِ آئيس باٿ ضروري آهي، آئيس باٿ جو تجربو شاندار رهيو ۽ لطف اندوز ٿياسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button