رانديون

ڪي پي ايل ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا سينٽرل ڪانٽريڪٽر شامل نه هوندا

اسلام آباد: ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) جي ٻئي ايڊيشن لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪندڙ رانديگر به دستياب نه هوندا. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هن سال به سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪندڙ ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري نه ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سال رانديگرن کي اين او سي نه ڏنا پيا وڃن ڇو ته قومي ٽيم ايندڙ سيزن ۾ تمام گهڻي مصروف آهي. ذريعن موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل نه ٿيندڙ فهيم اشرف جهڙا امڪاني ڪرڪيٽر به ڪي پي ايل ۾ شرڪت لاءِ اين او سي نه وٺندا. واضح رهي ته پي سي بي گذريل سيزن ۾ به سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن کي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button