رانديون

جبل چاڙهي شهروز ڪاشف نانگا پربت کي به پار ڪري ورتو

لاهور: پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف نانگا پربت کي به پار ڪري ورتو. شهروز ڪاشف 8126 ميٽر بلند چوٽي نانگا پربت تي چڙهائي ڪري هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. 20 ورهين جي شهروز 8000 ميٽرن کان اٺين چوٽي سر ڪري ورتي آهي، شهروز ڪاشف 8000 ميٽرن جي اوچائي تي موجود دنيا جي 14 چوٽي سر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. شهروز ڪاشف پاڪستاني وقت موجب صبح 8 لڳي 34 منٽن تي نانگا پربت جي چوٽي تي چڙهائي ڪئي. ان عالمي اعزاز کانپوءِ شهزور ڪاشف نانگا پربت جي چوٽي تي چڙهائي ڪندڙ دنيا جو سڀ کان ننڍو جبل چاڙهو پڻ بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button