پاڪستانسنڌ

ڪراچي يونيورسٽي بم ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، مک دهشتگرد گرفتار ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، رينجرز ۽ پوليس آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جي ڪمانڊر کي ڪراچي جي علائقي هاڪس بي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد پڇا ڳاڇا دوران اهم انڪشاف ڪيا ۽ ٻڌايو آهي ته هو ڪراچي ۾ بي ايل ايف جي سيلپر سيل جو سربراهه آهي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي ۾ عورت سان گڏ هڪ ٻيو همراهه به موجود هو، جڏهن ته آپگهاتي حملي ۾ ملوث 4 ڪردارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪندي چيو ته گرفتار دهشتگرد ٻڌايو آهي ته هو پنهنجي تنظيم جي ڪمانڊر خليل بلوچ جي حڪم تي حساس هنڌن ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني استادن جي تاڙ ڪندو رهيو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملو ڪرڻ واري عورت جو مڙس هيبتان بشير ۽ زيب نالي دهشتگرد سان ملاقاتون ڪيون، چيني استادن تي حملي کي ڪامياب ڪرايو. سڌسماءُ واري صوبائي وزير موجب گرفتار دهشتگرد انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي حملي جو ماسٽر مائينڊ زيب آهي جيڪو پاڙيسري ملڪ کان پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button