سنڌ

پنوعاقل ڪچي ۾ ڳئون چوري تان فائرنگ ۾ نينگر قتل،3 ڄڻا زخمي

پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد بکو مھر مان ڳئون چوري جا پيرا کڻي ڀاڳين فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي جواب ۾ فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 سال جو احمد جنگو مھر موقع تي مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان دوران ڀاڳين چوري ٿيل ڳئون واپس نه ملڻ تان گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن گهرن ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو. ٻئي طرف واقعي بابت حد جي پوليس ٻڌايو ته ڳئون چوري تان معاملو ٿيو آھي. مارجي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي پنوعاقل اسپتال آندو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button