پاڪستانسنڌ

نمرا ڪاظمي مبينا اغوا ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ جو چالان منظور

ڪراچي: ڪراچي جي مقامي عدالت نمرا ڪاظمي جي مبينا اغوا ڪيس کي سي ڪلاس ڪرڻ جو چالان منظور ڪري ورتو. ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پوليس نمرا ڪاظمي جي مبينا اغوا ڪيس بابت چالان جمع ڪرايو. پوليس چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نمرا ڪاظمي اغوا ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي هئي ۽ موقف اختيار ڪندي چيو هو ته کيس اغوا ناهي ڪيو ويو ۽ هن پسند جو پرڻو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو ڪيس سعود آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ نمرا جي مڙس نجيب شاهه رخ کي گرفتار ڪيو ويو هو پر عدالت نجيب جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button