پاڪستانسنڌ

بابر غوري 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت بابر غوري کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس بابر غوري کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي روبرو پيش ڪيو. شنوائي دوران پوليس عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته بابر غوري تي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جو الزام آهي ۽ جوابدار خلاف سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي. پوليس طرفان جوابدار جي جسماني رمانڊ تي استدعا ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي بابر غوري کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي بابر غوري سمورا الزام رد ڪندي چيو ته مون مڙهيل سمورا الزام بي بنياد آهن، جيڪڏهن الزام سچا هجن ها ته واپس نه اچان ها. هن کان اڳ بابر غوري کي دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي منتطم جج اڳوڻي وفاقي وزير جو ريمانڊ منظور ڪيو. پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو ته بابر غوري تي رياست جي خلاف سرگرمين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، بابر غوري جي خلاف ايف آ آر نمبر 354 سال 2015ع ۾ ان جي جلاوطني وارن ڏينهن ۾ داخل ڪئي وئي هئي، ايف آ آر ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ فاروق ستار، بابر غوري سميت ايم ڪيوا يم جا 29 اڳواڻ نامزد هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button