پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ 9 هرڻن جو قتلام، ڳوٺاڻن 2 شڪاري سوگها ڪري ورتا

مٺي: مٺي ڀرسان شڪارين ناياب نسل جي 9 چڻڪارا هرڻن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، مقامي ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ۽ دوبدو فائرنگ بعد 3 شڪارين کي سوگهو ڪري ذبح ڪيل 7 هرڻن ۽ غير قانوني هٿيار هٿ ڪري ورتا. 2 شڪاري 2 هرڻ کڻي فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ مٺي تعلقي جي ڳوٺ رنگيلو ڀرسان ٻن گاڏين ۾ سوار شڪارين ناياب نسل جي هرڻن جي غيرقانوني شڪار لا ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، شڪارين جي فائرنگ ۾ ناياب نسل جا 9 هرڻ گولين جو کاڄ بڻجي ويا، جن کي شڪارين ذبح ڪري کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته فائرنگ جي آواز تي هڪڙي پاسي علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ته ٻئي پاسي مختلف ڳوٺن رنگيلو، گوڌيار، هريار. لوٻار، ڀارو جو تڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين پهچي شڪارين کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻن شڪارين کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته شڪارين ڳوٺاڻن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران ڳوٺاڻن جوابي فائرنگ ڪئي ۽ سخت مزاحمت بعد 3 شڪارين کي شڪار ڪيل 7 هرڻن ۽ هٿيارن سوڌو سوگهو ڪري ورتو، 2 شڪاري شڪار ڪيل 2 هرڻ پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڳوٺاڻن هٿان پڪڙيل شڪارين ۾ احمد علي مڱريو ۽ سلام باري پنجابي شامل آهن، جن جو تعلق عمرڪوٽ ضلعي سان آھي، هڪ شڪاري عبدالغني نهڙيو جو تعلق ٿر جي شھر ڪانٽيو سان آھي. جڏهن ته ڳوٺاڻن جي التجائن باوجود وائلڊ لائف کاتي جي ڪامورن توڙي پوليس فرار ٿيل شڪارين کي پڪڙڻ لا ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button