اسلام آبادپاڪستانپنجاب

100 يونٽ مفت بجلي ڏيڻ تي حمزا شهباز سڀاڻي ڪميشن وٽ طلب

اسلام آباد :پنجاب ۾ ننڍي چونڊ بابت ضابطن جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کي نوٽيس اماڻي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري پڌرائي موجب پنجاب ۾ 100 يونٽ فري بجلي جي سبسڊي رليف پيڪيج تي اليڪشن ڪميشن پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کي نوٽيس اماڻيو آهي. پڌرائي موجب ننڍي چونڊ کان اڳ سبسڊي رليف پيڪيج جي اعلان تي حمزا شهباز کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کي 7 جولاءِ تي طلب ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي 20 تڪن ۾ چونڊ جي شيڊيول جو اعلان 25 مئي تي ڪيو ويو هو، چونڊيل نمائندا يا سرڪاري ۽ حڪومتي عهديدار اليڪشن شيڊيول کانپوءِ ترقياتي اسڪيم جو اعلان نٿا ڪري سگھن. نوٽيس پنجاب جي وڏي وزير کي “روشن گھراڻا پروگرام” تحت بجلي واهپيدارن لاءِ 100 يونٽ سبسڊي رليف پيڪيج تي ڏنو آهي. ياد رهي ته پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز شريف گذريل ڏينهن صوبي ۾ 100 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ گھريلو واهپيدارن کي مفت بجلي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button