آئي سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا سڀاڻي کان دبئي ۽ اومان ۾ شروع ٿي رهيا آهن، جن ۾ شرڪت لا پاڪستاني ٽيم ٽرافي کٽڻ جو عزم کڻي دبئي پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم جا رانديگر ۽ آفيشلز صبح سوير ايئرپورٽ پهتا، جتان اهي خاص چارٽرڊ جهاز ذريعي دبئي پهتا آهن. جڏهن تھ ايونٽ جو افتتاح شاهي انداز ۾ ڪيو ويندو، جنهن لا ٽرافي کي گهوڙي جي پٺي تي رکي ميدان ۾ آندو ويندو. آئي سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سڀاڻي بنگلاديش آئرلينڊ ۽ اومان پاپوا نيوگنيا جي ٽيمن ۾ پهريان مقابلا کيڏيا ويندا. هوڏانهن پاڪستاني اسڪواڊ ڪپتان بابراعظم جي اڳواڻي ۾ دبئي ۾ ديرو ڄمائي ورتو، جنهن ۾ سرفراز ۽ شعيب ملڪ جهڙا تجربيڪار گڏ آيا آهن. ٽيم هڪ ڏينهن جي ڪورنٽائين ڪرڻ بعد 18 ۽ 20 آڪٽوبر تي پاڪستاني ٽيم ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا سان پريڪٽس ميچ کيڏندي ۽ سندس پهرين ميچ 24هين آڪٽوبر تي ڀارت سان ٿيندي. شاهين آفريدي سئو سيڪڙو پرفارمنس لا تيار هجڻ جو عزم ڏيکاريو آهي. ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ قوم کي اپيل آهي تھ ٽيم سان گڏ هجو ۽ ان جي ڪاميابي لا دعا ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close