رانديون

ٽينس اسٽار سرينا وليمز ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نيويارڪ: ٽينس اسٽار سرينا وليمز ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ووگ ميگزين لاءِ ڪالم لکندي ٽينس اسٽار اعلان ڪيو ته هو هن سال يو ايس اوپن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندي. هن ڪالم ۾ لکيو ته آئون توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته ٽينس ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجي لاءِ وڌيڪ اهم شين ڏانهن وڌڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته اهو تصور ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام ڏکيو هو، آئون راندين کي ڇڏڻ نٿي چاهيان. پر هاڻ مان پنهنجي خاندان ۽ ڪاروبار تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته هوءَ فوري طور رٽائر نه ٿي رهي آهي پر اميد آهي ته آگسٽ ۾ شيڊول يو ايس اوپن کيڏندي. جڏهن ته هوءَ ايندڙ هفتي ويسٽرن ۽ سدرن اوپن جو حصو پڻ بڻجڻ چاهي ٿي. سرينا وليمز هاڻي وڌيڪ وقت پنهنجي مڙس ۽ 5 سالن جي ڌيءَ سان گڏ گذارڻ چاهي ٿي. جڏهن ته ٻئي ٻار لا اميد پڻ رکي ٿي. 40 سالن جي سرينا وليمز پنهنجي ڪيريئر دوران 23 گرانڊ سلم ٽورنامينٽ کٽي چڪي آهي ۽ مارگريٽ ڪورٽ هيل تائين 24 گرانڊ سلم ٽائيٽل کٽي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button