اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جي غيرقانوني فنڊنگ ضبط ڪرڻ لاءِ قانوني نوٽيس جاري

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي غيرقانوني فنڊنگ ضبط ڪرڻ لاءِ قانوني نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي شوڪاز عمران خان ذريعي 5 آگسٽ تي جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي روڪيل ذريعن کان عطيو مليو، پي پي او رول 6 تحت توهان کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون.شوڪاز ۾ چيو ويو آهي ته توهان جي غيرقانوني فنڊنگ رياست ڇو نه ضبط ڪري ڇڏي؟ 23 آگسٽ تي صبح 10 وڳي پيش ٿي وضاحت ڏيو. نوٽيس جي متن موجب پي ٽي آءِ ڄاڻي واڻي عارف نقوي جي ملڪيت ووٽن ڪرڪيٽ لميٽڊ کان 2 ڏهائي 1 ملين ڊالرز ورتا. پي ٽي آءِ برسٽل انجينيئرنگ سروسز يو اي اي، اي پلينٽ ٽرسٽيز کان عطيو ورتو، پي ٽي آءِ آمريڪا جي ايل سيز کان عطيو ورتو ويو. قانوني نوٽيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ڀارتي ڄائي روميتا شيٽي کان عطيو ورتو. پي ٽي آءِ 16 بئنڪ اڪائونٽ لڪايا.
نوٽيس جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين 2008ع کان 2013ع تائين جيڪو فارم ون جمع ڪرايو، اهو غلط هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button