پاڪستانسنڌ

24 جولاءِ تي چونڊون ٿين ها ته ٽرن آئوٽ هڪ سيڪڙو به نه هجي ها:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته جيڪڏهن 24 جولاءِ تي مڪاني چونڊون ٿين ها ته ٽرن آئوٽ هڪ سيڪڙو به نه هجي ها. مڪاني چونڊون تڪڙي ڪرائڻ بابت جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ شنوائي ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڳڪٿي جي حساب سان 24 جولاءِ تي شهر ۾ تيز برسات ٿي، هر پاسي گوڙ هيو ته شهر ٻڏي رهيو آهي. جيڪڏهن انهي ڏينهن اليڪشن ٿئي ها ته ٽرن آئوٽ هڪ سيڪڙو به نه هجي ها. جسٽس احمد علي شيخ پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چاهيو پيا ته انهي ڏينهن اليڪشن ٿيڻ گھرجي ها؟ جماعت اسلامي جي وڪيل زاهد خان چيو ته جيڪو ٿي ويو سو ٿي ويو، 24 جولاءِ کان پهرين بيلٽ پيپرز رٽرننگ آفيسرن کي اماڻيا ويا هئا، انهن بيلٽ پيپرز جو ڇا ٿيو ڪنهن کي خبر ناهي. جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب سياسي پارٽي جو اڳواڻ آهي. مرتضيٰ وهاب سرڪاري مشينري سياسي گرمين لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ مرتضيٰ وهاب سرڪاري مشينري پارٽي جي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نٿو ڪري سگھي. جماعت اسلامي جي وڪيل زاهد خان جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي تڪبندين بابت معاملا دير جو شڪار ڪري رهي آهي. مڪاني ادارن جو مدو ختم ٿيڻ جي 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن پر اليڪشن ڪميشن کي ان حوالي سان ڪا پرواهه ناهي. درخواست گذار جي وڪيل مطالبو ڪيو ته مڪاني چونڊن لاءِ نوان بيلٽ پيپرز ڇپرايا وڃن ۽ مرتضيٰ وهاب جي جاءِ تي اڻ ڌريو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن، چيف سيڪريٽري سنڌ، مڪاني ادارن جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گھري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button