اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف کي فوج سان ويڙهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي:عمران

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هاڻ سازش ڪئي پئي وڃي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج سان ويڙهايو وڃي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پي تي آءِ فوج خلاف آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اڄ چيو پيو وڃي ته اسان غدار آهيون ۽ اهي محب وطن آهن. فوج ۽ اسان جي وچ ۾ ويڙهه جي سازش ڪندڙ ئي اهي آهن، جيڪي امپورٽڊ حڪومت ۾ آهن. هن چيو ته انهن ماڻهن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، اهي اڄ اسان کي چئي رهيا آهن ته اسان غدار آهيون. توهان ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج خلاف چئو ته ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه نٿي ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، ڪرپٽ پارٽيون ڪڏهن فنڊ ريزنگ نه ٿيون ڪري سگهن. ماڻهن اسان کي پئسو ڏنو، اسان وٽ آڊٽ بڪ موجود آهي. اسان اليڪشن ڪميشن کي سمورا تفصيل ڏنا آهن، ننڍي چونڊ ۾ انهن ڀرپور ڌانڌلي ڪئي پوءِ به انهن جا سمورا منصوبا فيل ٿي ويا. اسان کي اهي ايندڙ چونڊن ۾ نٿا هارائي سگهن، تنهن ڪري اهي ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڀارت کي وڏي تڪليف هئي ته عمران خان ۽ فوج هڪ ئي پيج تي آهن. نئين دهلي اسان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڊس انفوليب قائم ڪئي پر اسان جي سوشل ميڊيا جي جوانن ڊس انفوليب کي وائکو ڪيو. عمران خان چيو ته رجيم چينج جي سازش هاڻ به جاري آهي، اسان جي حڪومت ڪيرائڻ کانپوءِ ڀارت ۾ خوشيون ملهايون ويون، مير جعفر ۽ مير صادق ٻاهرين سازش سان منهنجي حڪومت ڪيرائي. اسان صرف ملڪ بابت سوچيو آهي، اسان وٽ اسٽريٽ پاور آهي، پوري ملڪ کي بند ڪري سگهون ٿا. اسين چاهيون ٿا ته فوج هڪ مضبوط ادارو بڻجي. عمران خان چيو ته ڊاڪٽر شهباز گل جيڪو ڪجهه چيو، جيڪڏهن اهو قانون جي خلاف آهي ته اهو تمام آسان آهي. پاڪستان جو آئين ان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو ۽ کيس موقعو ڏنو وڃي ته هو عدالت ۾ وڃي ۽ صفائي پيش ڪري. هن وڌيڪ چيو ته هن کي کنڀيو ويو، هن جي ڪار جي ونڊوز ٽوڙي وئي. هن جي ڊرائيور تي تشدد ڪيو ويو، مون کي خبر ناهي ته هو ڪٿي غائب ٿي ويو، اسان ڳولي رهيا آهيون ته هو ڪيڏانهن ويو. عمران خان نواز شريف، مريم نواز، آصف زرداري، فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن جون وڊيو ڪلپس هلايون، جن ۾ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪئي وئي آهي، هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن اهي ڪلپس موجود آهن ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪيو، ان ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي. هو رڳو اهو چئي رهيا آهن ته پاڪستاني جڏهن پئسا پرڏيهه موڪليندا آهن ته اها پرڏيهي فنڊنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن پارٽي باقاعده فنڊ ريزنگ ڪئي آهي، جن پارٽين جي اڳواڻن کي عوام ڪرپٽ سمجهي ٿو اهي ڪڏهن به فنڊ ريزنگ نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اسان جي پارٽي 2012ع ۾ 40 هزار ڊونرز جا نالا ڏنا آهن، جن مان گهڻا پاڪستاني پرڏيهي آهن، جنهن پارٽي فنڊ ريزنگ ڪئي ۽ ان جون سموريون آڊٽ رپورٽون به موجود آهن، انهن مان هڪ شيءِ اليڪشن ڪميشن کي ڏني آهي، اهي سڀ آهن. هن پارٽي تي سڄو نزلو ڪري رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته اسان جي ماڻهن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن نه ڪنهن طرح اهي ماڻهو اليڪشن ۾ ايترا ڪمزور ٿين ۽ پوءِ نواز شريف انگلينڊ مان اچي چوي ته عمران خان ۽ نواز شريف ٻنهي کي نااهل ڪيو وڃي ته پوءِ اليڪشن ڪرايو وڃي. راند اسان کي ڪنهن به طرح ننڍو ڪرڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button