گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ميچ ڏسڻ لا مون پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ خريد ڪئي، جيڪا ملڪي حالتن جي ڪري ضايع ٿي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن دبئي وڃڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو تھ ميچ ڏسڻ لا مون ٽڪيٽ پنهنجي پيسن مان ورتي، اوهان ڄاڻو ٿا تھ شيخ جا پيسا ٻڏڻ تھ اها وڏي خبر هوندي آهي. هن جو چوڻ هو تھ جواني ۾ پير رکڻ وارن ڏينهن کان وٺي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ڏسندو آهيان، ملڪي صورتحال سبب عمران خان فون ڪيو تھ، سڌو شارجا اچي جهاز تي چڙهي واپس موٽي آيس. هن چيو تھ منهنجي لا ميچ اهم هئي، ملڪي حالتن کي نظرانداز ڪري مزا نٿو ماڻڻ چاهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close