رانديون

بابراعظم ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ مسلسل ڪاميابين کي نامڪمل قرار ڏئي ڇڏيو

ٍشارجا: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم به ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ مسلسل ڪاميابين کي نامڪمل قرار ڏئي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي بابراعظم ٽيم جون ٻه تصويرون شيئر ڪندي چيو ته اها فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ٽي- ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي آهي پر ڪم اڃا ختم ناهي ٿيو.

بابراعظم وڌيڪ چيو ته اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ محنت، وڌيڪ ڌيان، وڌيڪ ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ وڌيڪ عزم سان ٿي رهيو آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته اسان جو ڌيان هڪ وقت ۾ هڪ راند تي آهي.

ياد رهي ته بابراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي-20 ۾ دنيا جو نمبر ون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي-20 انٽرنيشنل رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ بابراعظم انگلينڊ جي ڊيوڊ ملان کان نمبر ون هئڻ جو اعزاز کسي ورتو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان مسلسل چار گروپ ميچون کٽي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button