پنجاب

سعد رضوي جي آزادي خلاف اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو، 860 ڪارڪن آزاد

حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو. حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم وچ ۾ معاهدي کان پوءِ سڄي پنجاب مان گرفتار ڪيل 860 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گھرو کاتي موجب سعد رضوي جي آزادي جي خلاف پنجاب حڪومت طرفان داخل ڪيل اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گھرو کاتي جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن جي خلاف ڪيس نه هئا انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ جن خلاف ڪيس آهن انهن کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي. هوڏانهن پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت ٻڌايو آهي ته آزاد ڪيل ماڻهن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جن کي 12 ربيع الاول تي شروع ٿيل احتجاج تي ڇاپن دوران حراست ۾ ورتا ويا هئا. هن چيو ته انهن کي اسڪروٽني کانپو آزاد ڪيو ويو آهي ۽ جن ڪارڪنن خلاف ايف آ آر درج ڪئي وئي آهي انهن کي عدالت مان ضمانت حاصل ڪرڻي پوندي. صوبائي وزير ٻڌايو ته اهو فيصلو اڃا ڪرڻو آهي ته ٽي ايل پي جا اهي ڪارڪن جن کي ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو اهي آزاد ٿيندا يا نه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button