سنڌ

جيڪب آباد جي ايس ايس پي خلاف واپارين ۽ شهرين جو مظاهرو

ايس ايس پي جيڪب آباد کي ھٽائڻ لاءِ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي واپارين ۽ شھرين يارھين ڏينهن به صرافه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، لال چند سيتلاڻي، نديم احمد قريشي، عبدالحئي سومرو، نظام مستوئي، حاجي غلام نبي رند، جمال الدين لکڻ، حاجي يوسف ميمڻ، حمادالله انصاري ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو پر ان کي اھا خبر ناهي ته جيڪب آباد واسي اھڙي ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهن، جيڪب آباد جا واپاري ۽ شھري ڳڙهي خدا بخش ۾ شھيد ذوالفقار ڀٽو جي مزار تي ڌرڻو هڻي انتقامي ڪارواين خلاف شڪايت ڏيندا ته شھيد ڀٽو جي نالي تي قائم سنڌ حڪومت ۾ ويٺل اڳواڻ گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا بڻجي ويا آهن، مسلسل مظلومن جي آواز تي نوٽيس وٺڻ بدران ظالمن جا ساٿاري بڻجي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button