بلوچستان

بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪو، 13 ڄڻا زخمي

بلوچستان جي ضلعي خاران جي علائقي چيف چوڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سيڪيورٽي اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو هو ۽ جيڪو موٽرسائيڪل ۾ لڳل هو. خاران پوليس اسٽيشن جي اسٽيشن هائوس آفيسر محمد قاسم ٻڌايو ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن سيڪيورٽي جي گاڏي اتان گذري رهي هئي. هن چيو ته 13 مان 4 سخت زخمين کي ڪوئيٽا جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 9 کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو خاران ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن دهشتگردي جي ان ڪارروائي ۾ بيگناهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button