سنڌ

لاڙڪاڻي عوامي اتحاد جو حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد پاران وڌندڙ بدامني، ڪرپشن، بيروزگاري، مهانگائي، صفائي، سٿرائي، تعليم، صحت جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن لاءِ شهر جي مک جناح باغ چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ جي يو آءِ جي مولانا راشد خالد محمود سومرو، ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي، ناصر محمود سومرو، انجينئر عبدالرزاق عابد لاکو، محبت علي کهڙو، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، مولانا حميد الله سيال، عادل الطاف انڙ، سانول خان انڙ، فقير عامر ڀٽو، ڊاڪٽر مظهر مغل، نياز ابڙو، ساجد مهيسر، اشرف ڪلهوڙو، عبدالمجيد مغيري، لالو سرهيو، جميل گاد، ذوالفقار بليدي، قادر بخش ڀٽي، عاشق ڪلهوڙو سميت مختلف پارٽين جي ڪارڪنن جهنڊا کڻي شرڪت ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري تاريخي ويساهھ گھات ڪئي وئي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام مٿان عذاب بڻيل آهي، نااھل وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ملڪ سميت سنڌ کي معاشي مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي. ھنن چيو ته ڪرپٽ سنڌ حڪومت، نااهل وفاقي حڪومت پويان لڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي آھي، وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين سبب مھانگائي چوٽ چڙهيل آهي، عوام حڪمرانن جي نااهليءَ ڪري مھانگائي جي چڪيءَ ۾ پسجي رهيو آهي، عوام انتھائي ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آھي، پر اقتدار جي نشي ۾ نااھل حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي چڪا آهن، حڪمرانن پاڪستان کي سامراجي قوتن ۽ آ ايم ايف وٽ وڪرو ڪري گروي رکي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، مھانگائي جو راڪاس عوام جو رت چوسي رهيو آهي، حڪومت جي نااهلي سبب عام واهپي جون شيون ڏينھون ڏينهن مھانگيون ٿينديون پيون وڃن، ڪٺ پتلي حڪومت غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري مشڪلاتن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، بيروزگاري سبب ماڻهو پنهنجي ٻچن کي زهر ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته غربت سبب نياڻيون پنهنجون عزتون نيلام ڪري رهيون آهن پر هنن نااهل حڪمرانن کي شرم نٿو اچي، شهر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، پر لاڙڪاڻو جا عملدار پ پ وارن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پورا آهن. هنن چيو ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد پيپلز پارٽي کي ايترو ته سوڙهو ڪيو آهي جو پ پ چيئرمين اڄ لاڙڪاڻي جي گهٽي گهٽي جو دور ڪري رهيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button