سنڌ

ملڪي صورتحال خراب آھي،عمران جو تجربو ناڪام ٿيو:قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سماجي ذلتون ختم ڪرڻ لا سڀني ڌرتي واسين کي نڪرڻو پوندو، معاشرو جاگيردار طبقي وٽ يرغمال بڻيل آهي. پ پ سنڌ سان تمام خراب سلوڪ ڪيو آھي. آزاد ۽ زندهه قوم رهڻ اسان جو بنيادي حق آھي. ان لا اسانکي پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر نواز ڳاهوٺي پنهنجي سياسي سماجي زندگي بهادر ۽ باوقار نموني گذاري. هن اهڙو اظھار نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ پوٽو ڳاهوٺي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ شھيد ڊاڪٽر محمد نواز ڳاهوٺي جي 64هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال انتهائي خراب آھي. عمران جو تجربو ناڪام ثابت ٿيو. ملڪ هن وقت بحرانن جي ور چڙھيل آھي. وفاقي پارلياماني جمهوري نظام جي ضرورت آھي. هتي ته عدالتون به آزاد ناهن. انصاف مهانگو ٿي ويو آھي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران ملڪ ۾ مهانگائي تي احتجاج ڪرڻ نڪ جي پڪائي آھي. هاڻي ووٽن جو وقت اچي رهيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button