سنڌ

مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب عوام مايوسي جو شڪار آهي:بلاول ڀٽو

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي جي مختلف يونين ڪائونسلن جا دورا ۽ ڪارڪنن سان سندس مائٽن جي لاڏاڻي تي تعزيتون جاري رکيون. گذريل ڏينهن يو سي 11 دودائي روڊ گجڻ پور ۾ جيالي منير عباسي جي رهائشگاهه تي يوسي صدر اصغر عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري قدير ڊومڪي ۽ يو سي 12 محلي غلام ڀٽو ۾ پ پ اڳواڻ آفتاب نيڪ محمد ڀٽو ۽ وقار ڀٽو جي رهائشگاهه، يو سي 12 جي صدر غلام النبي ڀٽو ۽ عابد ڀٽو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پارٽي ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي الڳ الڳ اجلاسن جي صدارت ڪئي. اجلاسن دوران بلاول ڀٽو راجا ڀٽو سان سندس والد ياسين ڀٽو، اشرف ڀٽو سان سندس والد الاهي بخش ڀٽو، فوجي گل محمد سانگي سان سندس والده، فدا حسين سانگي سان سندس والده، عبدالمجيد گاد سان سندس والده، مير عزيز چنه سان سندس چاچي، علي ڊومڪي سان سندس ڀاءُ، رشيد عباسي سان سندس والد، تهمينه تنيو سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته اڄ ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري ڪارڻ عام ماڻهو پريشان ۽ غريب عوام شديد مايوسي جو شڪار بڻيل آهي، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ صرف جيالا ئي عوام جو حقيقي آواز بڻجي سگهن ٿا، ان لاء ڪارڪنن کي پوري ملڪ ۾ ٻاهر نڪري ملڪ جي مزدورن، هارين، نوجوانن، عورتن ۽ شاگردن جو آواز بڻجڻو پوندو، هن چيو ته جيالن کي ملڪ جي ڏتڙيل عوام سان اهوئي رشتو قائم ڪرڻو پوندو جيڪو رشتو شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو عوام سان هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button