پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ ذاڪر سهتو سميت قومي ڪارڪنن جي آزادي لا ريلي

جسقم پاران کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتي جي آزادي لاءِ بڇيري پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي سينيئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، شعيب ميمڻ، ناصر شاھه، سرمد ميراڻي، خير محمد سيال، راشد چانڊيو، ڊاڪٽر نذير کوکر، عنايت چانڊيو، ذاڪر سھتو جي ڀاءُ ايڊوڪيٽ صابر سھتو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. سوين ڪارڪنن جي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ، پينافليڪس کنيل هئا، جن تي ذاڪر سھتو سميت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لا نعرا لکيل ھُئا، جڏهن ته قومي ڪارڪنن جي ريلي 15 ڪلوميٽر قومي ۽ انقلابي گيتن تي نعرا ھڻندي نوابشاھه پريس ڪلب ٻاھران پھتي ته اُڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، سرمد ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي حقن لا پرامن جدوجهد ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ٽارچر سيل قومي ڪارڪنن کي جهڪائي نٿا سگهن، سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن هميشه عدم تشدد جي سياست ڪئي آهي. اڳواڻن انساني حقن جي عالمي ادارن ۽ تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سمورن پرامن قومي ڪارڪنن، شاگردن ۽ دانشورن کي آزاد ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button