سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف عورت جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي نوجوان پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ ۽ جوابدار ڌر پاران ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شبانه خاتون بروهي معصوم نياڻي صبا ۽ ڀائٽي راجا بروهي سان گڏجي دانهيندي چيو ته گهر اڳيان ويهڻ کان منع ڪرڻ تان 13 آگسٽ تي ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين جسڪاڻي ۽ سندس ڀائرن حملو ڪري نوجوان پٽ سمير بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پوليس صرف ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، مک جوابدار ليڊي اهلڪار ۽ سندس ڀائرن کي پوليس هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو. هن چيو ته نوجوان پٽ قتل ڪري جهولي خالي ڪئي وئي آهي، مسلسل احتجاج باوجود ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button