سنڌ

قاسم آباد جي رهواسين جو پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف مظاهرو

قاسم آباد جي رهواسين پوليس ۽ بااثر ماڻهن جي ناجائزين خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حنيفان، مهڪ ڪليار، مومل ڪليار ۽ ٻين چيو ته 7 ڏينهن اڳ جوهي پوليس گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اعجاز ڪليار کي کنڀي گم ڪرڻ کانپو اڄ چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي آهي، جيڪا ناانصافي آهي. هنن اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي جوهي پوليس جي ظلمن کان تحفظ مهيا ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button