سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

پاڪستان ۾ روزانو 1200 ٻارڙا سگريٽ ڇڪڻ جا عادي بڻجن ٿا: رپورٽ

ڪراچي: ايسوسي ايشن آف سموڪنگ الٽرنيٽيو پاڪستان چيو آهي ته اها هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم استعمال ڪندي سڄي ملڪ ۾ سگريٽ نوشي ڪندڙن کي صلاح مشورا ۽ مدد فراهم ڪندي آهي ۽ سگريٽ نوشي ڪندڙن جي زندگين مان سگريٽ هٽائڻ ۾ مدد ڪندي.

تنظيم موجب سگريٽ نوشي جي عالمي شرح ۾ گهٽتائي جي باوجود سگريٽ نوشي ڪندڙن جو تعداد اڃا به هڪ ارب کان وڌيڪ آهي، جن مان 80 سيڪڙو جو تعلق گهٽ ۽ وچين آمدني وارن ملڪن مان آهي ۽ ان ڪري عوام جي صحت تي وڌيڪ اثر ۽ خرچ وڌي رهيا آهن.

تنظيم جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2017 ۾ پاڪستان ۾ تماڪ ڇڪڻ سبب 163360 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته تماڪ ڇڪڻ سبب روزانو 5000 پاڪستاني اسپتالن ۾ داخل ٿين ٿا. تنظيم موجب 6 کان 15 سالن جي عمر جا 1200 پاڪستاني ٻار روز تماڪ ڇڪڻ شروع ڪن ٿا، جڏهن ته 5 مان 2 تماڪ ڇڪڻ وارا 10 سالن جي عمر کان اڳ سگريٽ نوشي ڪرڻ شروع ڪن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ سمورا تماڪ ڇڪڻ وارا سگريٽ سان لاڳاپيل خطرن کي سمجهن ٿا پر ان وقت تائين ان جو استعمال جاري رکندا آهن، جيستائين اهي دل جي بيماري، ڪينسر يا سگريٽ جي استعمال سان لاڳاپيل ٻين بيمارين ۾ مبتلا نه ٿا ٿين.

ايسوسي ايشن آف سموڪنگ الٽرنيٽيو پاڪستان ۾ سگريٽ نوشي جي شرح کي گھٽائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻھن جي ھڪ تنظيم آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button